ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ ) جپاني حڪومت نئين قانون سازي تحت سائيڪل هلائڻ وقت موبائيل فون استعمال ڪندڙن جيل ڀيڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جپاني حڪومت طرفان ڪيل نئين قانون سازي تحت سائيڪل هلائيندي موبائيل فون استعمال ڪرڻ وارن کي ڏنڊ سان گڏوگڏ هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن لاءِ قيد جي سزا ٻڌائي ويندي.
رپورٽ موجب، نئين قانون تحت حادثن جو سبب بڻجندڙ سائيڪل سوارن تي پندرنهن کان ٻه هزار ڊالر تائين ڏنڊ مڙهيو ويندو جڏهن ته ڇهن مهينن کان هڪ سال تائين قيد جي سزا به ڏئي سگهجي ٿي.
2021ع ۾ ڪورونا وبا بعد جپان ۾ سائيڪلن جي استعمال ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ماڻهو عوامي ٽرانسپورٽ بدران سائيڪل کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن، جنهنڪري روڊ حادثن ۾ واڌارو ٿيو آهي.
جپان جي مقامي ميڊيا موجب، ملڪ ۾ملڪ روڊ حادثن جو انگ گهٽيو آهي، سائيڪل سبب پيش ايندڙ حادثن ۾ اضافو ٿيو آهي، رڳو 2023 دوران 73 هزار کان وڌيڪ سائيڪل سوار حادثن جو شڪار ٿيا.
You might also like