نرگس تي مڙس جو مبينا تشدد، اداڪارا ٿاڻي پهچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پئسن جي تڪرار تان اداڪارا نرگس تي مڙس تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
پوليس موجب، لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ اداڪارا نرگس کي سندس مڙس انسپڪٽر ماجد بشير مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، ٻنهي زال مڙسن ۾ پئسن جي معاملي تان جهيڙو ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي کانپوءِ اداڪارا نرگس گذريل رات ٿاڻي پهتي، پرهنيئر تائين ڪا به درخواست ناهي ڏني.
اداڪارا نرگس ڪجهه ورهيه اڳ انسپڪٽر ماجد بشير سان شادي ڪئي، هوءَ شادي کانپوءِ شوبز جي دنيا کي الوداع چئي بيوٽي سيلون هلائي رهي آهي.
نرگس جي ڀاءَ موجب، انسپڪٽر ماجد بشير روزانو سندس ڀيڻ تي تشدد ڪري ٿو.
ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته نرگس جي گهرڀاتين طرفان هنيئر تائين ڪيس جي ڪائي درخواست ناهي ملي، درخواست ملندي تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.