85 اربن کان وڌيڪ ماليت جي پي آءِ اي لاءِ صرف 10 اربن جي آڇ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري لاءِ واڪ لڳائڻ جو عمل جاري آهي، جنهن لاءِ حڪومت  کي رڳو هڪ بولي ملي آهي. پرائيويٽائيزيشن ڪميشن گهٽ ۾ گهٽ 85 ارب رپين جي بولي گهري هئي پر اها بولي صرف 10 ارب رپيا هئي، جيڪا رد ڪئي وئي. پرائيويٽائيزيشن ڪميشن پاران شروعاتي طور تي 6 ڪمپنين کي اهل قرار ڏنو ويو، 6 ڪنسورشيم خساري ۾ هلندڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز لاءِ بوليءَ جا اهل هئا، پر انهن مان 5 ان عمل کان پري رهيا. حڪومت ايئر بليو لميٽيڊ، عارف حبيب ڪارپوريشن لميٽيڊ کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايئر عرب فلائي جناح، واءِ بي هولڊنگ ، پاڪ ايٿانول پرائيويٽ ۽ ريئل اسٽيٽ ڪنسورشيم بليو ورلڊ سٽي کي قومي ايئر لائن ۾ اڪثريت واري حصي لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو هو. ذريعن موجب بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم کانسواءِ ٻئي ڪنهن به گروپ اڃا تائين بوليءَ لاءِ دستاويز جمع نه ڪرايا آهن. بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ 10 ارب رپين جي آڇ ڪئي جيڪا رد ڪئي وئي. تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ بورڊ آف پرائيويٽائيزيشن ڪميشن انهن ڪمپنين کي فني، مالي ۽ دستاويزي ضرورتن جي بنياد تي شارٽ لسٽ ڪيو ۽ انهن کي بلڊنگ جي عمل جي ايندڙ مرحلي لاءِ قابليت ڏني. ڪامياب بولڊر PIA جي 51 سيڪڙو کان 100 سيڪڙو شيئر ڪيپيٽل لاءِ اهل هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.