چيني سفير جو بيان حيرت جوڳو ۽ روايتن جي ابتڙ آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( بيورو/ م ڊ) پاڪستان جي پرڏيهي آفيس سڪيورٽي صورتحال تي چيني سفير جي بيان تي احتجاج جي خبرن جي ترديد  ڪري ڇڏي. سندس چوڻ آهي ته چيني سفير جو بيان روايتن جي ابتڙ ۽ حيرت ناڪ هو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي آفيس ۾ چيني سفير کي طلب ڪرڻ جي خبر ڪجهه ميڊيا تي نشر ڪئي وئي، جيڪا حقيقت ناهي. چيني سفير معمول موجب پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو.   پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته چين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير جو بيان حيران ڪندڙ آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري. هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته چيني شهرين سان ڪجهه بدقسمت واقعا پيش آيا، پاڪستان چيني حڪومت ۽ سفارتخاني جي ڳڻتي بابت آگاهه آهي، پاڪستان چين کي واقعن جي جاچ بابت آگاهه ڪيو. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران وزيراعظم چيني هم منصب کي به چيني شهرين جي تحفظ جي خاطري ڪرائي، چيني سفير جو اِهو بيان حيران ڪندڙ آهي، سندن بيان پاڪ-چين روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ چيني سفير گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان پاڪستان ۾ جا ماڻهو مارجي رهيا آهن، جيستائين چيني شهرين کي تحفظ نٿو ملي سي پيڪ نٿو ٺهي سگهي. سندس چوڻ هوته ٻن مهينن ۾ اسان جي ڪارڪنن تي حملا قابل قبول ناهن، دهشت گردي ختم ٿيڻ تائين سي پيڪ فيز ٽو شروع نٿو ٿي سگهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان نه ڪنهن ٻئي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندو آهي ۽ نه ئي ان جي معاملن ۾ مداخلت پسند ڪندو آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان دهشتگرد گروپن جي سرگرمين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.  انهن دهشتگرد گروپن کي افغانستان ۾ محفوظ پناهگاهون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جرمن سفير طرفان آرمي چيف کي آزاد پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) بابت لکيل خط تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي سربراهه کي خط لکڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، حملي آورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊان نيوز موجب هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏي تي حملي بابت خدشا آهن، سمورن اڳوڻي چيف جسٽسن کي دوري دوران سفارتخاني طرفان سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.