ٻارن ۾ نمونيا جون خطرناڪ علامتون ڪهڙيون آهن؟ والدين ڌيان ڏين

نمونيا ٻارن لاءِ هڪ موتمار بيماري ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ ان بيماري سبب فوتگين جي شرح ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ ٿي آهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن والدين وقت سر علامتون سڃاڻي وٺڻ ته ٻار جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.
ٻارن ۾ نمونيا جون سامهون ايندڙ علامتون هيٺ ڏجن ٿيون، جن تي فوري طور ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
تڪڙي تڪڙي ساهه کڻڻ يا ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، تيز بخار، مسلسل بخار رهڻ يا سخت کنگهه، سستي، ڪمزوري ۽ ٻار چُپ يا بيحال ٿي وڃڻ.
کير يا کاڌو نه کائڻ، ننهن ۽ چَپ پيلا ٿي وڃڻ، اها آڪسيجن جي کوٽ جي علامت آهي.
سيني ۾ سور، ساهه کڻندي آواز اچڻ يا سور سبب ٻار جون دانهون، جيڪڏهن انهن مان ڪا به علامت ظاهر ٿئي ته فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.