سياري جي مند ۾ مٿي ۾ خشڪي سبب وار ڪمزور ۽ ڇڻڻ شروع ٿي ويندا آهن، جنهن سبب عورتون هجن يا مرد سڀ پريشان رهندا آهن ۽ مارڪيٽ مان مهانگا شيمپو ۽ تيل وٺي استعمال ڪرڻ باوجود مسئلو حل ناهي ٿيندو.
پر اسان توهان کي هڪ اهڙو گهريلو نسخو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن سان وارن جي خشڪي ختم ٿي ويندي ۽ اهي ڇڻڻ بند ٿي ويندا.
ان نسخي لاءِ توهان هڪ پيالي ۾ ٻه چمچا ڏهي، هڪ چمچو کنڊ ۽ هڪ چمچو سرنهن جو تيل وجهي انهن کي چڱي ريت مڪس ڪيو، جڏهن اهو مڪسچر تيار ٿي وڃي ته وارن جي پاڙن تائين هلڪي هٿ سان مساج ڪيو ته جيئن سمورا جزا کوپڙي ۾ جذب ٿي سگهن، ڪجهه دير کانپوءِ سادي پاڻي سان مٿو ڌوئي ڇڏيو.
You might also like