ممبئي (ويب ڊيسڪ) لارنس بشنوئي گينگ باليووڊ جي نامياري فلمساز روهت شيٽي جي رهائشگاهه تي فائرنگ جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، روهت شيٽي جي رهائشگاهه ممبئي جي علائقي جوهو ۾ موجود آهي، جتي آچر جي ڏينهن فائرنگ جو واقعو پيش آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل جوابدارن 7.62 ايم ايم بولٽس سان گهر تي 5 فائر ڪيا هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب، بشنوئي گينگ سان لاڳاپيل هڪ آن لائين اڪائونٽ تان پوسٽ شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ روهت شيٽي جي گهر تي ٿيل فائرنگ جي ذميواري قبول ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته فائرنگ گينگ جي ميمبرن سُبهم لونڪر، آرزو بشنوئي، هري باڪسر ۽ هرمن شانڊو ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان معاملي بابت فارنزڪ رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فائرنگ واري واقعي ۾ 5 شڪي جوابدارن کي پوني مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ممبئي ڪرائم برانچ حوالي ڪيو ويو آهي، جوابدارن تي مبينا طور شوٽر جي مدد ڪرڻ ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل مهيا ڪرڻ جو الزام آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، فائرنگ واري واقعي کانپوءِ روهت شيٽي جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پروڊيوسر طرفان پنهنجن دوستن ۽ مداحن کي به گهر اچڻ کان روڪيو ويو آهي.
You might also like