حڪومت جسٽس منصور کان بچندي پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي ڇڏي؟

نيو يارڪ (احمد نوراني) 26هين آئيني ترميم موجب هڪ آئيني بينچ قائم ٿيڻي آهي جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ ٺهندي. هڪ بينچ 5 ججن تي ٻڌل هوندي جنهن موجب خيال ڪيو پيو وڃي ان ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي هجي. 4 صوبن مان جج اچي ويندا ته هڪ جج اسلام آباد مان کڻڻو پوندو. اهي جج سپريم ڪورٽ جي ججن مان اچڻا آهن جن مان سينيئر ججن کي کڻڻو پوندو نه ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سبب ٻڌائڻو پوندو. پنجاب مان سينيئر جج کڻڻو پوندو ته اهو جسٽس منصور علي شاهه هوندو، پوءِ جسٽس منيب اختر آهي، پوءِ جسٽس امين الدين آهي، انهن ٽنهي ججن کي نظرانداز ڪري اڳتي نه وڌي سگهبو. جسٽس امين الدين خلاف ريفرنس جو امڪان آهي ان ڪري 2 سينيئر جج بچن ٿا. خيبرپختونخوا مان چيف جسٽس پاڻ ٿي سگهي ٿو، جسٽس مسرت حلالي ٿي سگهي ٿي. بلوچستان ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل سينيئر آهي. اهي سڀ جج آزاد جج سمجهيا ويندا آهن ۽ ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نٿا اچي سگهن. سنڌ ۾ سينيئر جج جسٽس محمد علي مظهر آهي، سيد حسن اظهر رضوي آهي، جسٽس عرفان صادق خان آهي ۽ پوءِ جسٽس عقيل احمد عباسي آهي. اهي 4 ئي جج ايماندار ۽ آزاد آهن. هاڻي حڪومت لاءِ ڪٿان به پنهنجو ماڻهو آڻڻ جي صورتحال نظر نٿي اچي. اسلام آباد ۾ جسٽس اطهر من الله کانسواءِ ٻيو ڪير به ناهي. اهو به شاندار جج آهي. سندن منصوبو آهي ته انگ وڌائجي. اڄ تائين هر آئيني ترميم چئلينج ٿي آهي ۽ ان جو جڊيشل ريويو ٿيو آهي، ان کي فل ڪورٽ ٻڌندي ۽ فيصلو ڏيندي. اهو معاملو آئيني بينچ ۾ نٿو رکي سگهجي ڇو ته ان ۾ ججن جي ئي مقرري جو فيصلو ٿيڻو آهي. ان جي ڪري رياست هاڻي جسٽس منصور علي شاهه سان رابطا بحال ڪيا آهن ۽ لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 01 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.