” سرحدن ورهايو، ڪرڪيٽ ملايو“ منوج تيواري جي پوسٽ وائرل

هانگ ڪانگ(ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ سُپر سڪسز ٽورنامينٽ دوران ڀارتي ڪرڪيٽر منوج تيواري جي پاڪستاني رانديگرن سان نڪتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ڀارتي ڪرڪيٽر منوج تيواري هانگ ڪانگ سڪسرز ٽورنامينٽ جي فوٽو سيشن دوران پاڪستاني ڪپتان فهيم اشرف ۽ آصف علي سان گڏ نڪتل تصوير پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪئي.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر لکيو ته ” سرحدن ورهايو، ڪرڪيٽ ملايو.“.
منوج تيواريءَ وڌيڪ لکيو ته هانگ ڪانگ سپر سڪسز ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ سڀ تيار آهن، فوٽو سيشن دوران فهيم اشرف ۽ آصف علي سان گڏ تصوير ڪڍرائي.
واضح رهي ته هانگ ڪانگ سپر سڪسز ٽورنامينٽ جا مقابلا پهرين نومبر کان ٽي نومبر تائين جاري رهندا، پاڪستان جون پول سي ۾ ڀارت ۽ يو اي اي خلاف ميچون شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.