گوگل دنيا جو مقبول ترين ويب برائوزر آهي پر اِهو ويب سائيٽس کولڻ لاءِ تمام گهڻي ڪمپيوٽر ميموري يا ريم استعمال ڪندو آهي.
گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ واهپيدار اڪثر ڪمپيوٽر سست ٿيڻ جي شڪايت ڪندا آهن يا سندن ليپ ٽاپ جي بيٽري لائيف گهٽجي ويندي آهي.
ان ڏس ۾ ڪمپني فيبروري 2023ع ۾ ميموري سيور نالي فيچر متعارف ڪرايو هو جنهن کي هاڻ وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي،ان کانسواءِ ڪجهه نوان ٽولز پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن.
هڪ بلاگ پوسٽ ۾ گوگل ٻڌايو ته ميموري سيور ۾ هاڻ واهپيدارن کي ٽي نوان موڊز دستياب هوندا جڏهن ته هڪ نئون پرفارمنس ڊيٽيڪشن ٽول به متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ويب برائوزر جي امڪاني مسئلن جي نشاندهي ڪري ان جي حل بابت تجويزون فراهم ڪندو.
ڪمپني موجب، نئون ٽول برائوزر ۾ مسئلن کي نظر ۾ رکندي حل تجويز ڪندو، مثال طور جيڪڏهن ريم جي استعمال سبب برائوزر سست ٿي ويندو ته واهپيدار کي ان حوالي سان پرفارمنس ايشو الرٽ ذريعي آگاهه ڪري هڪ ” فڪس نائو“ آپشن ڏنو ويندو.
واهپيدار ان ٽول کي ڪروم سيٽنگز ۾ وڃي ڊِس ايبل ڪري سگهندا، گوگل موجب، ميموري سيور موڊ ۾ به تبديليون ڪيون پيون وڃن.
واضح رهي ته ميموري سيور موڊ ڪروم برائوزر ۾ اوپن ٽيبز کي ” سمهارڻ“ جو ڪم ڪندو آهي جنهن سبب ميموري جي بچت ٿيندي آهي.
گوگل طرفان ميموري سيور ۾ ٽي نوان آپشنز موڊريٽ، بيلنس ۽ ميڪسيمم جو وڌارو ڪيو پيو وڃي.
موڊريٽ ميموري سيونگز جي آپشن جي چونڊ ڪرڻ تي ٽيبز کي ان ايڪٽيو ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو.
اهڙي ريت بيلنس ميموري سيونگز موڊ مخصوص دورانيي کانپوءِ ڪروم ٽيبز کي غيرفعال ڪري ڇڏيندو.
ميڪسيمم ميموري سيونگز موڊ تمام جلد ٽيبز کي ان ايڪٽيو ڪري ڇڏيندو، اِهو موڊ ميموري يوز ايج صفا گهٽائي ڇڏيندو پر ٽيبز کي بار بار ري لوڊ ڪرڻو پوندو.
گوگل طرفان ٻيا آپشنز پڻ واهپيدارن کي فراهم ڪيا پيا وڃن، جنهن سان هو پنهنجي پسنديدا ويب سائيٽس کي هميشه ايڪٽيو رکي سگهندا.
You might also like