پي ٽي آءِ جي ثانيا نشتر سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ثانيا نشتر سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب ثانيا نشتر جي استعيفيٰ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي وصول ٿي وئي آهي پر ثانيا نشتر طرفان استعيفيٰ ڏيڻ جا سبب اڃا تائين سامهون ناهن اچي سگهيا.
واضح رهي ته ثانيا نشتر 2021 ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي سينيٽ جي ميمبر چونڊي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.