ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روسي عدالت گوگل تي سڄي دنيا جي دولت کان به وڌيڪ ماليت جو ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.
روسي عدالت طرفان گوگل تي 2 ڏهائي 5 ڊيسلين ڊالرز ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي جيڪو عالمي جي ڊي پي کان به وڌيڪ آهي.
عالمي بئنڪ جي ڪاٿي موجب، عالمي جي ڊي پي اٽڪل هڪ سئو کرب ڊالرز آهي.
ايڏي وڏي رقم جو ڏنڊ چئن ورهين کان جاري عدالتي ڪيس بابت فيصلو ٻڌائيندي لاڳو ڪيو ويو آهي.
روس ۾ 2020ع ۾ گوگل جي ملڪيت وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب آمريڪي پابنديون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ روسي چئنل Tsargrad تي پابندي مڙهي هئي، جنهن کانپوءِ عدالتي ويڙهه شروع ٿي.
ان موقعي تي عدالت چئنل کي بين ڪرڻ تي گوگل تي هڪ لک روسي روبل جو ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.
ان کانپوءِ 2022ع ۾ روس-يوڪرائن جنگ کانپوءِ گوگل هڪ قدم اڳتي وڌائيندي ٻين روسي ميڊيا ادارن تي ان وقت پابندي مڙهي، جنهن تي عدالت وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو.
هن وقت 17 ميڊيا ادارن جو مواد نشر ڪرڻ تي يوٽيوب طرفان پابندي مڙهي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ادارن طرفان عدالت ۾ گوگل تي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪئي وئي هئي.
روسي حڪومت پابندين تي گوگل جا بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪري ڇڏيا هئا جنهن کانپوءِ روس ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني جي شاخ ڏيوالي جو اعلان ڪيو.
هاڻي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته گوگل يوٽيوب تان چئنلز هٽائڻ جي مقامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ فوري طور کين بحال ڪرڻو پوندو جڏهن ته 2020 ۾ ٻڌايل ڏنڊ جي سزا ۾ هر هفتي ٻيڻو اضافو ڪيو پيو وڃي.
اهڙي قسم جي واڌ بعد ڏنڊ جي مجموعي رقم ايتري وڌي وئي آهي جيتري سڄي دنيا جي جي ڊي پي به ناهي.
گوگل 2023ع ۾ مجموعي آمدني 306 ارب ڊالرز هئي، يعني ڪمپني لاءِ ڏنڊ ادا ڪرڻ ممڪن ناهي.
ڪمپني طرفان تازي ٽه ماهي رپورٽ ۾ به روس سان جاري عدالتي مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي.
You might also like