اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي جي جسماني رمانڊ جو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو.
ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي جي 3 ڏينهن جسماني رمانڊ خلاف اپيل تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز ٻڌڻي ڪئي.
ايمان مزاري جي وڪيل قيصر امام عدالت سامهون پيش ٿي چيو ته درخواستگذارن جو 3 ڏينهن جسماني رمانڊ ڏنو ويو، فيصلو واپس ورتو وڃي.
عدالت جي هدايت تي وڪيل قيصر امام رمانڊ جو آرڊر پڙهيو.
عدالت وڪيل جي درخواست منظور ڪندي جسماني رمانڊ معطل ڪري ڇڏيو ۽ پوليس کي نوٽيس جاري ڪري سڀاڻي تائين جواب طلب ڪري ورتو.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل ڏينهن 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو هو.
You might also like