اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي پاڪستاني هاءِ ڪميشن اختيارين کي فوري طور جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي برطانيا جي قديم ترين قانوني درسگاهه مڊل ٽيمپل ۾ بينچر طور چونڊيو ويو آهي، هو پهريون پاڪستاني آهي، جنهن کي مڊل ٽيمپل ۾ بينچر طور شامل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ گذريل رات سندس اعزاز ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو.
قاضي فائز عيسيٰ ان تقريب ۾ گهرواري سان گڏ شرڪت ڪئي، واپسيءَ تي سندس گاڏي تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اڳوڻو چيف جسٽس گهرواري سان گڏ مڊل ٽيمپل مان گاڏي ۾ روانو ٿي رهيو هو ته درگاهه جي در تي موجود ماڻهن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس ۽ سندس گهرواري کي بچاءُ ڪرڻو پيو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهو اڳوڻي چيف جسٽس جي گاڏي جو گهيرو ڪندي نعريبازي ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي مذمت ڪندي نادرا کي حملي آورن جي سڃاڻپ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جون هدايتون ڪيون آهن.
محسن نقوي چيو آهي ته فوٽيجز ذريعي حملي آورن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، انهن خلاف پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رد ڪيا وڃن.
You might also like