رتو ديرو جي اسڪولن جي شاگردن ۾ اسٽيم مقابلو، جي ايڇ ايس پير جو ڳوٺ پهرين پوزيشن ماڻي

سنڌ حڪومت پاران GHS پير جو ڳوٺ EMO HANDS اسڪول ۾ اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ميٿميٽڪس) پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ تعلقي رتوديرو جي اسڪولن جي شاگردن شرڪت ڪئي.
حصو وٺندڙ اسڪولن ۾ GHS ڦلپوٽا، GGSLM انگلش ميڊيم، ۽ GHS جمعو اگهم شامل هئا، جن سڀني اسٽيم مقابلي ۾ حصو ورتو.
جي ايڇ ايس پير جو ڳوٺ جي هيڊ ماستر ۽ اسڪول ڪوآرڊينٽر معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، جن ۾ ڊي اي او سيڪنڊري گل بهار مگسي، ٽي اي او مرد منظور ڏاهاڻي، رتوديرو جي ٽي اي او عورت مهجبين ڀٽو، باقراڻي جي ٽي اي او ممتاز علي تونيو، ڊسٽرڪٽ ڪمپلينس مئنيجر آفتاب احمد، ڊي ڊي او ميڊم سعيده، ايل ايڇ وي نائلا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سمورن اسڪولن جي شاگردن رياضي، آرٽ ۽ سائنس جا ماڊل پيش ڪيا، جن ۾ جي ايڇ ايس پير جو ڳوٺ اسڪول پهرين، جي ايڇ ايس ڦلپوٽا ٻي ۽ انگلش ميڊيم نئون ديرو ٽئين پوزيشن ماڻي.
ڊي اي او سيڪنڊري، ٽي اي او منظور ڏاهاڻي ۽ ٽي اي او مهجبين ڀٽو ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران اسٽيم پروگرام جو مقصد ٻارن کي سائنس، آرٽ ۽ رياضي ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جي اجازت ڏيڻ آهي.
ڊسٽرڪٽ ڪمپلائنس مئنيجر آفتاب احمد چيو ته سنڌ حڪومت شاگردن کي بهتر تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين قدم کنيو آهي، جنهن سان انهن سرگرمين ذريعي شاگردن ۾ تجسس پيدا ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.