ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئين چئي ٿو اسلام پاڪستان جو مملڪتي مذهب هوندو، پارليامينٽ اسلام جي ابتڙ قانون سازي نٿي ڪري سگهي.
جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان پارليامينٽ جي خود مختياري کان ڪڏهن انڪار ناهي ڪيو، پاڪستان جي آئين جو بنياد اسلام آهي، آئين چئي ٿو ته سمورا قانون قرآن ۽ سنت جي تابع هوندا.
هن چيو ته آئين ۾ عوام جي ڀائيواري کي تسليم ڪيو ويو، جمهوريت به قرآن ۽ سنت جي پابند آهي، حق حڪمراني عوام جي چونڊيل ماڻهن کي حاصل هوندي، چونڊون ته ٿي وينديون آهن پر نتيجا ڪو ٻيو جوڙيندو آهي.
You might also like