عاصمه جهانگير گروپ جو ميان رئوف عطا سپريم ڪورٽ بار جو صدر چونڊجي ويو

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ عاصمه جهانگير گروپ حامد خان گروپ کي شڪست ڏئي ڇڏي، آزاد گروپ (عاصمه جهانگير گروپ) جو  ميان رئوف عطا سپريم ڪورٽ بار جو صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته پروفيشنل گروپ (حامد خان گروپ) جو منير ڪاڪڙ هارائي ويو، چونڊ نتيجن موجب لاهور ۾ آزاد گروپ (عاصمه جهانگير گروپ) جي ميان  رئوف عطا 558 ووٽ حاصل ڪيا ۽ پروفيشنل گروپ (حامد خان گروپ) جي منير ڪاڪڙ کي 484 ووٽ مليا، اهڙي طرح آزاد گروپ جو صدارتي اميدوار ميان رئوف عطا 74 ووٽ وڌيڪ کڻي ڪامياب ٿي ويو، اسلام آباد ۾ آزاد گروپ جو صدارتي اميدوار ميان محمد رئوف عطا 350 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته حامد خان گروپ جي صدارتي اميدوار منير ڪاڪڙ کي 331 ووٽ مليا، خيبرپختونخواهه ۾ عاصمه جهانگير گروپ جي صدارتي اميدوار ميان رئوف عطا ڪلين سوئيپ ڪري ورتو ۽ پشاور سميت پنجن پولنگ اسٽيشنن تي ميان رئوف عطا 44 ووٽن جي فرق سان ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪراچي ۾ ٿيل پولنگ جي  نتيجن موجب حامد خان گروپ جي صدر جي اميدوار منير احمد ڪاڪڙ  218 ووٽ کڻي ڪراچي پولنگ تان کٽي ويو جڏهن ته عاصمه جهانگير گروپ جو ميان محمد رئوف عطا 153 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، سنڌ جي نائب صدر جي سيٽ تي حامد خان گروپ جي خوشحال خان 176 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، عاصمه جهانگير گروپ جو محمد نديم قريشي 155 ووٽ کڻي هارايو،  جڏهن ته  سيڪريٽري جي سيٽ تي حامد  خان گروپ جي  سلمان منصور 238 ووٽ کڻي  پهرين  جڏهن ته عاصما جهانگير  گروپ جي  زاهد اسلم اعواڻ 129 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو، ٻئي طرف حيدرآباد مان غير حتمي نتيجن موجب عاصمه جهانگير گروپ جي صدارتي اميدوار ميان محمد رئوف عطا 50 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته حامد خان گروپ جي منير ڪاڪڙ 34 ووٽ کڻي سگهيو ۽ کيس 16 ووٽن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي پولنگ تي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 8 ضلعن جي ڪل 76 ميمبر وڪيلن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، سکر مان عاصمه جهانگير گروپ سوڀ ماڻي، اهڙي طرح بلوچستان جي واحد پولنگ اسٽيشن ڪوئيٽا تان حامد خان گروپ جو منير ڪاڪڙ 120 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته عاصمه جهانگير گروپ جو ميان رئوف عطا 70 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آيو، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر رئوف عطا ۽ آزاد گروپ (عاصمه جهانگير گروپ) جي سربراهه احسن ڀون کي مبارڪباد ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.