ماضي جي مقبول موبائل فون ڪمپني نوڪيا جديد دور ۾ بٽڻ فون کي فور جي ٽيڪنالاجي ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
ملٽي نيشنل ڪمپني ”ايم ايم ڊي“ نوڪيا جي ماضي جي مقبول فون 110 کي ٻيهر نئين فيچرز سان پيش ڪيو آهي.
ڪمپني نوڪيا 110 کي فور جي سپورٽ سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون ۾ طاقتور بيٽري ڏني وئي آهي، جنهن سان واهپيدارن 8 ڪلاڪن تائين مسلسل ڳالهائي سگهن ٿا.
ڪمپني موجب فون ۾ بليو ٽوٿ جو فيچر به پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريئر ڪئميرا به ڏني وئي آهي، جنهن جي ٽيڪنالاجي اپ گريڊ ڪئي وئي آهي.
نوڪيا 110 فور جي ۾ طاقتور بيٽري ڏيڻ سان گڏ ان ۾ فاسٽ چارجر به ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ان جي اسڪرين ٽيڪنالاجي کي به اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب فون کي جديد ٽيڪنالاجي جي دور جي حوالي سان اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کي واٽر اينڊ ڊسٽ ريزسٽ به بڻايو ويو آهي.
ڪمپني فون کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي پر سڄي دنيا ۾ ان کي پيش ناهي ڪيو ويو.
ڪمپني فوري طور تي فون جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو پر امڪاني طور تي نئين فون جي پاڪستاني قيمت 8 هزار رپين تائين هوندي.
You might also like