گذريل ڇنڇر ڏھاڙي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ جسٽس اميد سھتو تي ٻڌل ٻي رڪني بئنچ ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف شاگردن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اڪثر عدالتي رپورٽنگ ۾ مون ڏٺو آھي ته گھڻي ڀاڱي تاريخون ملنديون آھن پر جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ جسٽس امجد سھتو جي بئنچ ھجڻ جي ڪري اھو امڪان ضرور ھيو ته ڪجهھ ٿيندو ضرور، ٻڌڻي دوران جيڪا انڪوائري ڪاميٽي شروعاتي رپورٽ ڏني اھا پڻ حيران ڪندڙ ھئي، انڪوائري رپورٽ موجب پيپر ليڪ ٿيڻ جي تصديق ٿي. ٻڌڻي دوران معزز جسٽس صلاح الدين پنھور پاران ھڪڙو ريمارڪس آيو جيڪو وڻيو ته ڏاڍو پر ان حيران پڻ ڪري وڌو. معزز جسٽس صلاح الدين پنھور ريمارڪس ڏيندي چيو ته سماج کي ڇا ٿي ويو آھي، ھر ڪو ڊاڪٽر ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ آھي. بورڊ ۾ پيسا ڏئي مارڪون ورتيون پيون وڃن، ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ پيا ٿين، آخر اسان جي معاشري ۾ ٿي ڇا رھيو آھي. مون سوچيو ته ڇا واقعي اھا حقيقت آھي.
اسان وٽ اھو الميو رھيو آھي ته اسان ھميشه ڪامياب ماڻھو جي پويان ڊوڙندا آھيون، سماجي اسٽيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي اندر جو انسان به وساري ويهندا آھيون. مونکي ياد آھي ته جڏھن اسين سنڌ يونيورسٽي پڙھندا ھئاسين ته اتي اڪثر ڪري لمس جا اڇا ڪوٽ پائي شاگرد ايندا ھئا. گارڊ ھميشه انھن شاگردن کان بغير پڇا ڳاڇا ڪري ھر ڊپارٽمينٽ جي اندر وڃڻ ڏيندا ھئا جڏھن ته خود سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد نه وڃي سگهندا ھئا پڇڻ تي اھي گارڊ ٻڌائيندا ھئا ته ڀائو ھي ته ڊاڪٽر ٿيندا نه تڏھن سندن عزت ڪيون پيا. اتي پاڻ کي پنھنجي شعبي تي مايوسي به ٿيندي ھئي ته ڪاوڙ به ايندي ھئي ته يار اسين به محنت ڪيون ھا متان ٿي وڃون ھا ڪو ڊاڪٽري جو شاگرد يا انجنيئر ھتي اڇي سوشل سائنس جھڙن شعبن ۾ ڦاٿا آھيون. چوڻ جو مقصد ته اسان وٽ ڊاڪٽري جھڙي شعبي کي اھڙي نموني ته پروان چڙھايو ويو آھي جو ھر شاگرد پاڻ ڊاڪٽر ٿيڻ پيو چاھي مقصد سٺي پگھار سٺي نوڪري ۽ سماج ۾ لئي لست، پاڻ ٻين شعبن کي اٽي ۾ لوڻ برابر سمجھيو آھي. اھو ئي سبب آھي ته ڳوٺ ۾ اوھان کي گھٽ اھڙو شاگرد ملندا جيڪي سي اي ڪرڻ چاھين، يا سائبر سيڪيورٽي ، بئنڪنگ جھڙي شعبي ۾ وڃڻ چاھي. سوشل سائنس جا شعبا ته اڪثر ڪري شاگرد کڻن ئي مجبوري ۾ ٿا.
ڊاڪٽر مطلب مسيحا، پر ھاڻي شاگرد ڊاڪٽر مطلب گھڻي پگھار ۽ سماج ۾ اسٽيٽس سمجھن ٿا. والدين سڀ کان اول ٻار کي پرائيوٽ ٽيوشن ٿا ڏيارين جيئن سٺو پڙھن، پوءِ ميٽرڪ ۾ پيسا ڏئي مارڪون وٺن وري اينٽر ۾ پيسا ڏئي مارڪون وٺن، صرف اھو ئي نه ھاڻي ايم ڊي ڪيٽ ۾ پيسا ڏئي پيپر جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي.
مونکي خوف ان ڏينهن جو ٿئي ٿو جڏھن پيسا ڏئي پاس ٿيندڙ شاگرد ڊاڪٽر ٿيندا ۽ مريضن جو علاج ڪندا، ڇا اھڙا نوجوان اڳتي ھلي ڊاڪٽري جھڙي عظيم شعبي جو تقدس بحال رکي سگھندا به الائي نه، پر منھنجي خيال ۾ اسان کي ھن مائنڊ سيٽ کي ٽوڙڻو پوندو اسان کي پھريون قدم پنھنجي گھران کڻڻون پوندو گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ٻارن کي ته مجبور نه ڪيون ته اھي ٿين ته ڊاڪٽر انجنيئر ئي ٿين .
مونکي خوف ان ڏينهن جو ٿئي ٿو جڏھن پيسا ڏئي پاس ٿيندڙ شاگرد ڊاڪٽر ٿيندا ۽ مريضن جو علاج ڪندا، ڇا اھڙا نوجوان اڳتي ھلي ڊاڪٽري جھڙي عظيم شعبي جو تقدس بحال رکي سگھندا به الائي نه، پر منھنجي خيال ۾ اسان کي ھن مائنڊ سيٽ کي ٽوڙڻو پوندو اسان کي پھريون قدم پنھنجي گھران کڻڻون پوندو گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ٻارن کي ته مجبور نه ڪيون ته اھي ٿين ته ڊاڪٽر انجنيئر ئي ٿين .