وزيراعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ رياض فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي ٻه طرفي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ اينٽي ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي موقعي تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
هن شاهه سلمان بن عبدالعزيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ تندرستي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته مهمان نوازي تي ولي عهد ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا.
ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن مضبوط اقتصادي ڀائيواري جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.