پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين: وزيراعظم

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ فوري طور تي قتل عام روڪڻ ۽ امن قائم ٿيڻ تائين عالمي سطح تي خوشحالي قائم نٿي ٿي سگهي.
هن اها ڳالهه رياض ۾ ٻن ڏينهن واري فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين اجلاس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي ۽ سعودي قيادت جي ساراهه ڪئي.
هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ويزن گڏيل آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوانن کي معياري تعليم، ڊجيٽل شموليت ۽ گهربل اوزارن ذريعي بااختيار بڻايون.
شهباز شريف چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪو به ملڪ انفرادي طور مسئلن کي منهن نٿو ڏئي سگهي ۽ ڪو به ملڪ ٻين ملڪن جي مدد کانسواءِ ترقي حاصل نه ٿو ڪري سگهي. خوشحالي جي گڏيل مقصد لاءِ پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.