ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته اسان گيري ڪرسٽن سان معاهدو نه ٽوڙيو پر هن پاڻ ختم ڪيو.
ڪراچي ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي محسن نقوي چيو ته ڪنهن رانديگر جي سليڪشن ۾ مداخلت ناهيان ڪندو، اسان گيري ڪرسٽن سان معاهدو نه ٽوڙيو پر هن پاڻ ختم ڪيو.
هن چيو ته عاقب جاويد جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ٿيو، ڪجهه ماڻهن سان ڪوچنگ تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اسان وٽ ڪيترائي عهدا خالي آهن، انهن تي ماڻهو رکڻا آهن.
سندس چوڻ هو ته فخر زمان ٽيم ۾ هوندو يا نه اهو سليڪشن ڪميٽي ٻڌائيندي، مان اهو ناهي چيو ته فلاڻي کي کيڏايو فلاڻي کي نه کيڏايو.
You might also like