ڪراچي ۾ پوليس جي وردي پاتل هٿياربندن جي پرڏيهين کان ڦر، وڏي وزير نوٽيس ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان مجاهد ڀرسان پرڏيهين کي مبينا طور پوليس جهڙي وردي پاتل هٿياربندن ڦري ورتو.
ڊي ايڇ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته واردات ٻه ڏينهن اڳ ٿي، ڦورن پولينڊ مان آيل پرڏيهين کان 1080 ڊالر کسيا.
اختيارين موجب پرڏيهين وٽ نه سيڪيورٽي هئي ۽ نه ئي انهن انتظاميا کي ان بابت آگاهه ڪيو.
هوڏانهن درخشان پوليس چيو ته اسان پرڏيهين جا بيان ورتا آهن، واقعي بابت ڪنهن به قانوني ڪارروائي ناهي ڪئي، سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
هن چيو ته پرڏيهين کان ڦر مذمت جوڳو عمل آهي، ان سان ملڪي وقار خراب ٿيندو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.