لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ شادي تقريبن ۾ رقص جي محفلن تي پابندي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبر حميده ميان ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ترميم لاءِ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ڪنهن به معاشري ۾ تقريبون معاشرتي ۽ ثقافتي تعليمن جو آئينو پيش ڪنديون آهن، شادين ۾ رقص جون محفلون ۽ سوشل ميڊيا تي سڌي ريت نشر ڪرڻ عام آهي، انهن محفلن ۾ رقص جي نالي تي مجرن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، شراب جي نشي ۾ ڌت ماڻهو غير اخلاقي حرڪتون ڪندا آهن.
متن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته رقص ڪندڙ عورتن ۽ کدڙن فقيرن سان غير اخلاقي حرڪتن جا واقعا پيش ايندا آهن، انهن جي تذليل، زخمي ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جا واقعا به سامهون ايندا آهن، جيڪا انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي، اسان جي ديني ۽ معاشرتي روايتن جي ابتڙ آهي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اهڙين محفلن تي فوري طور پابندي هڻي، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ باقاعدي قانون سازي عمل ۾ آندي وڃي، اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس وٺڻ جو پابند ڪيو وڃي.
You might also like