ملڪ ۾ ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جو مرض تيزيءَ سان وڌڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا جي ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي وئي.
ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا سميت ٻيا وبائي مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳا.
اختيارين موجب گذريل ڪجهه هدفن ۾ ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي ڪيسن ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي ۽ اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن.
صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته مليريا جي ڪيسن ۾ به مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، جنوري کان آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ مليريا جا 2 لک 49 هزار 151 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.