لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سموگ جي صورتحال ۾ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مريم نواز ماحولياتي قانونن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي ۽ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.
سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب موجب شهري ماحولياتي گدلاڻ خلاف جهاد ۾ ڀرپور حصو وٺن، ڀارت مان تيز هوائن سان گڏ ايندڙ سموگ کان بچاءَ ۾ هر شهري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته سموگ تي ضابطي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، لاهور ۾ ڪاري دونهين واريون گاڏيون، چمنيون بند رهنديون ۽ فصلن جي باقيات ساڙي وئي ته گرفتاريون ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته سموگ جي شدت گهٽائڻ لاءِ لاهور ۾ هنگامي ٽريفڪ پلان جاري ڪيو پيو وڃي.
Prev Post
You might also like