ڪپتاني گُهري نه هئي، الله جي طرفان ملي ته انڪار نه ڪيو: محمد رضوان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته ڪپتاني گهري نه هئي الله جي طرفان ملي ته انڪار نه ڪيو.
ڪراچي ۾ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دورو انتهائي اهم آهي، بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته نوجوان رانديگرن مان وڏيون اميدون آهن، فخر زمان جي کوٽ محسوس ٿيندي.
محمد رضوان چيو ته ڪوچز جي مقرري وارو معاملو پي سي بيءَ جو فيصلو آهي، آسٽريليا جي ۽ زمبابوي جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم سينيئرز ۽ جونيئرز تي ٻڌل آهي، سيريز لاءِ وقت جي کوٽ رهي، بهتر ڪارڪردگي جي اميد آهي.
فخر زمان بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فخر زمان عالمي معيار جو رانديگر آهي، سندن صلاحيتن کان انڪار يا اختلاف نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته ڪجهه فيصلا اسان جي اختيار ۾ ناهن هوندا، مئنيجمينٽ فيصلو ڪندي آهي، فخر زمان بابت پي سي بي جي ذميوارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اميد آهي ته مسئلو حل ٿي ويندو.
محمد رضوان چيو ته اوپننگ پيئر بابت سٺو فيصلو ڪنداسين، چيمپيئنز ٽرافي ۽ ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ تي ڌيان آهي، ٻئي اهم ترين ايونٽ آهن، جنهن لاءِ ڀرپور تياري ڪئي ويندي.
پاڪستان جي قيادت دير سان ملڻ واري سوال جي جواب ۾ محمد رضوان چيو ته هن ڪپتاني نه گهري هئي، ايمان آهي ته الله جي طرفان ذميواري ملي ته انڪار نه ڪرڻ گهرجي، قيادت عزت سان گڏ امتحان آهي، بورڊ ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.