چڪن گونيا: علامتون، احتياط ۽ علاج

ملڪ ۾ چڪن گونيا جو مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو آهي ۽ ان سان متاثرن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي.
چڪن گونيا ڇا آهي؟
چڪن گونيا هڪ اهڙي وائرل بيماري آهي، جيڪا خاص قسم جي مڇر ذريعي انسانن ۾ منتقل ٿيندي آهي پر اها هڪ کان ٻئي فرد ۾ منتقل نٿي ٿي سگهي، اها بيماري يورپي ملڪن ۾ وڌيڪ اثرانداز ٿي رهي آهي.
هيل تائين اهو مرض دنيا جي 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دريافت ٿي چڪو آهي، چڪن گونيا سان متاثر مريض جي فوت ٿيڻ جو امڪان نه هجڻ برابر هوندو آهي پر ان جون علامتون سخت ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڊگهي بنيادن تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.
علامتون
ان بيماري جي علامتن ۾ بخار، سنڌن ۾ سور، مٿي ۾ سور، پٺاڙن ۾ سور، خارش ۽ سوڄ وغيرا شامل آهن، گڏوگڏ الٽي جي شڪايت به ٿي سگهي ٿي پر اها گهٽ ماڻهن کي ٿيندي آهي، جڏهن ته چڪن گونيا جي سڃاڻپ رڳو رت جي ٽيسٽ سان ئي ممڪن آهي.
احتياط ۽ علاج
ماهرن موجب چڪن گونيا جي مڪمل علاج جي ڪا مخصوص دوا اڃا تائين تيار ناهي ٿي سگهي پر ان بيماري جي علامتن جو علاج ڪرڻ ضروري آهي.
مريض کي گهرجي ته وڌ کان وڌ آرام ڪري، وڌ کان وڌ پاڻي جو استعمال ڪري ۽ پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري سان بخار ۽ سور جي دوا کائي، گڏوگڏ تندرستي لاءِ کير، جوس ۽ موسمي ميون جو استعمال ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.