او ٽي ٽي تي ٿرٿلو مچائيندڙ ” مرزاپور“ کي وڏي پردي تي آڻڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڪرائم، ايڪشن ۽ تجسس سان ڀرپور ويب سيريز ” مرزا پور “ او ٽي ٽي پليٽ فارم تي ڪاميابيون ماڻڻ کانپوءِ وڏي پردي تي اچي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سيريز جي شريڪ پروڊيوسر فرحان اختر مرزا پور فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فرحان اختر پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ” مرزاپور “ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪندي هڪ ٽيزر شيئر ڪيو جنهن ۾ اداڪار پنڪج ترپاٺي، علي فضل ۽ دويندو شرما نظر اچي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم جي هدايتڪاري گُرميت سنگهه ڏيندو جڏهن ته اِها 2026ع ۾ رليز ڪئي ويندي.
مرزا پور فلم ۾ به سيريز واري ڪاسٽ ئي شامل هوندي جنهن ۾ قالين ڀئيا جو ڪردار پنڪج ترپاٺي، گُڊو پنڊت جو ڪردار علي فضل جڏهن ته مُنا جو ڪردار دويندو شرما ئي ادا ڪندا.
مرزاپور جي پروڊسرز رتيش سڌواڻي ۽ فرحان اختر پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اِها سندن لاءِ هڪ سنگِ ميل آهي اسان مرزا پور وڏي پردي تي پيش ڪرڻ وارا آهيون.
مرزا پور سيريز 2018ع ۾ ايمازون پرائم تي رليز ٿي هئي جنهن کانپوءِ هن او ٽي ٽي پليٽ فارم تي مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا.
ان کانپوءِ آڪٽوبر 2020ع ۾ مرزا پور جو ٻيو سيزن ۽ هلندڙ سال ٽيون سيزن رليز ٿيو.
مرزا پور جي ڪهاڻي ڏوهه، سياست ۽ خاندان اندر ٿيندڙ سازشن تي آڌاريل آهي.
سيريز ۾ پنڪج ترپاٺي، علي فضل، شويتا ترپاٺي ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.