اسرائيلي وزير جي نئين حزب الله سربراهه کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بچاءَ واري وزير حزب الله جي نئين سربراهه کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
حزب الله طرفان اڄ نعيم قاسم کي نئين سربراهه طور مقرر ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ اسرائيلي بچاءَ واري وزير يواف گيلانٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هيءَ عارضي مقرري آهي ۽ وڌيڪ عرصي لاءِ ناهي.
اسرائيلي وزير اهڙو ئي هڪ بيان عبراني ٻولي ۾ به جاري ڪيو، جنهن ۾ لکيو ته هيءَ مقرري عارضي آهي ۽ ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.