بيروت (ويب ڊيسڪ) حزب الله نعيم قاسم کي جماعت جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.
لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله، حسن نصرالله جي شهادت جي هڪ مهيني کانپوءِ قائم مقام سربراهه نعيم قاسم کي هاڻ باقاعدي سربراهه چونڊي ورتو آهي.
نعيم قاسم ڊگهي عرصي تائين حسن نصرالله جو نائب رهيو ۽ حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ کيس تنظيم جو قائم مقام سربراهه بڻايو ويو هو، جڏهن ته هو ان کان اڳ حزب الله شوريٰ ڪميٽي جو مسلسل 3 ڀيرا رڪن رهي چڪو آهي.
You might also like