پي سي بي ۾ تبديلين جي لهر، ڪنهن کي ڪهڙو عهدو ملندو؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ تبديلين جو عمل جاري آهي.
سليڪشن ڪميٽي جي رڪن عاقب جاويد کي مستقبل جو هيڊ ڪوچ بڻائڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمينس سينٽر بڻائڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ نديم خان جي پوزيشن تبديل ڪئي ويندي ۽ کيس ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جو عهدو ڏنو ويندو.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سليڪٽرز کي پرڏيهي دورن تي موڪلڻ جو فيصو ڪري ورتو آهي.
قومي سليڪٽر اسد شفيق آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دورن تي ٽيم سان گڏ هوندو، جڏهن ته پليئنگ اليون جي جوڙجڪ سليڪٽرز، ڪوچ ۽ ڪپتان جي مشاورت سان ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.