اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ججن جي انگ ۾ واڌ بابت بِل قومي اسيمبليءَ ۾ جمعي تي پيش ڪيو ويندو.
پارلياماني ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 23 ڪيو ويندو، ججن جو انگ وڌائڻ وارو بل قومي اسيمبلي طرفان پيش ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بل نجي ڪارروائي واري ڏينهن بئريسٽر دانيال چوڌري اڳواٽ ئي پيش ڪري چڪو آهي.
ذريعن موجب، بل جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترميم ٿيل شيڊيول موجب اجلاس اڄ ختم ٿيڻو هو.
ٻئي پاسي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ به ترميم تي مشاورت جاري آهي.
Next Post
You might also like