ميٿيو ويڊ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر ميٿيو ويڊ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميٿيو ويڊ هاڻي پنهنجي ڪوچنگ جي سفر جي شروعات ڪندو، هو پاڪستان خلاف سيريز ۾ ڪوچز اسٽاف جو حصو هوندو.
ميٿيو ويڊ 36 ٽيسٽ، 96 ون ڊي ۽ 92 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي، هو تسمانيا طرفان علائقائي ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.
ان کانسواءِ ميٿيو ويڊ هلندڙ سيزن ۾ بِگ بيش ليگ ۾ هوبارڪ هيوريڪينز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.