سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ، وڌيڪ سوين رپيا مهانگو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 16 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانووءِ ٻه لک 85 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1372 رپيا واڌ بعد 2 لک 44 هزار 342 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 16 ڊالر چاڙهه بعد ٻه هزار ست سئو پنجونجاهه ڊالرز ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.