ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ 97 سيڪڙو نمبر کڻندڙ شاگردن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ ايم ڊي ڪيٽ امتحان ۾ 97 سيڪڙو نمبر کڻندڙ شاگردن کي ايف آءِ اي طلب ڪري ورتو.
ايم ڊي ڪيٽ ۾ 97 سيڪڙو نمبر کڻندڙ شاگردن کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته شاگردن پهرين نومبر تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل ۾ پيش ٿين.
نوٽيس موجب عملي طور ڪنهن به شاگرد لاءِ ايترا وڌيڪ نمبر حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، شڪ آهي ته شاگرد پرچو ليڪ ٿيڻ ۾ ملوث ۽ حقيقتن کان چڱي ريت واقف آهن.
ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جو چوڻ آهي ته منصفاڻي عمل لاءِ شاگردن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.
اختيارين موجب ان دوران شاگردن جو فرضي امتحان به وٺي سگهجي ٿو، رڪارڊ تي موجود شاهدين جي بنيان تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.