عمرڪوٽ مان سماجي ورڪر جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ٿي، تاءُ پکڙيل

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي ۽ چوري ۽ ڦر جا واقعا معمول بڻجي ويا.
عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ سماجي ورڪر غني عاجز جي موٽر سائيڪل 20 آڪٽوبر جي رات وچ شهر مان اڻڄاتل چور چوري ڪري ويا هئا، پوليس 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود چورن جو پتو لڳائڻ ۽ موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، جنهن ڪري شهر جي سياسي، سماجي ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي.
عمرڪوٽ جي سياسي، سماجي اڳواڻن چتاءُ ڏنو آهي ته سوشل ورڪر غني عاجز جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل جلد واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.