ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ به موسم گرم رهي، موسميات کاتي موجب شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهيو.
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.
اڄ شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهيو.
ڪراچي ۾ اولهه طرف کان هوائون گهلي رهيون آهن، جنهن ۾ هوا ۾ گهم 77 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.