شاهه لطيف ٽائون ۾ اڏاوٽ هيٺ اسپتال ڊهي پئي، ڊاڪٽر سميت 2 ڄڻا فوت، عورت مرڻينگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ اڏاوت هيٺ اسپتال جي ڀت ڪرڻ سبب ڊاڪٽر ۽ اڳوڻو پوليس آفيسر اجل جو شڪار ۽ هڪ واٽهڙو عورت زخمي ٿي پئي.

فوتين ۾ 65 سالن جو ڊاڪٽر رسول بخش ابڙو ۽ ريٽائرڊ پوليس انسپيڪتر 65 ورهين جو خادم حسين لاشاري شامل آهن.

ٻئي ڄڻا نجي اسپتال جا مالڪ هئا، حادثي ۾ هڪ واٽهڙو عورت به زخمي ٿي جنهن جي سڃاڻپ رقيه عرفاني جي نالي سان ٿي.

زخمي عورت کي جناح اسپتال نيو ويو جتي سندس هڪ ڄنگهه ڪٽڻي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.