”ڪنهن نه ڪنهن ريت بلاول کي وزيراعظم ڏسي رهيو آهيان“

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهيو آهيان.

خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 27هين ترميم ۾ جي يو آءِ، پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏيندي، هنن اڳ به ساٿ ڏنو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا اڳ به وڙهندا رهيا آهن فائدو ناهي ٿيو، اسان وڙهڻ وارا ماڻهو نه آهيون، امن امان جي خواهش رکون ٿا.

منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ ۾ اختلاف آهن، پاڻ ۾ سندن ٺهي نٿي، اڳتي هلي پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي ۽ ڌڙا ٺهي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.