رياست انتهاپسندن جي سگهه بڻجي انساني حق لتاڙي پئي، پرامن مزاحمت جاري رکنداسين

حيدرآباد ( رپورٽر) ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ چيو آھي پاڪستان جي رياست شھرين کي ڏنل آئيني حقن جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ڪري رھي آھي سنڌ ۽ بلوچستان  مان ماڻھون کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا ھتي عدالت کان مٿانھان قتل ٿي رھيا آھن  لکڻ ۽ ڳالھائڻ تي بندش آھي، جمھوري آزاديون کسيون ويون آھن اھڙي صورتحال ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن ، اديبن ، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن کي مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جي  پاسي ٿي متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.  اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھ ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي آفيس ۾ ميمبرن جي گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ھي تنظيم ھارين،  مزدورن ، شاگردن ۽ عورتن سميت سماج جي مظلوم ماڻھن جي حقن  جي محافظ آھي اسين ملڪ ۾ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ٿيڻ نه ڏينداسين ، ھن چيو ته جن مذھبي تنظيمن پاڪستان ٺھڻ جي مخالفت ڪئي ھئي اڄ اھي پاڪستان جون نظرياتي وارث بڻيل آھن ۽ رياست سندن آڏو بيوس بڻيل آھي. ھن چيو ھي رياست خود بنياد پرستن کي سگھ بخشي رھي آھي، ڊاڪٽر شاھنواز جو عدالت کان مٿانھون قتل ٿي ويو قاتل گرفتار نه ٿيا ۽ جن لطيف جي سورمين ڪراچي ۾ پرامن احتجاج ڪيو تن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. حڪمران سماج کي اڳتي وٺي ويندڙ شعور جي رستا روڪ ڪري رھيا آھن، ھن تنظيم جي ساٿين سان مخاطب ٿيندي چيو ته جتي به جبر ٿيندو اسان جي پرامن مزاحمت موجود ھوندي. ايڇ آر سي پي جي وائيس چيئرپرسن قاضي خضر چيو ته رياست جو ڪم شھرين کي تحفظ ڏيڻ آھي پر ھتي نوجوان کنڀجي وڃن ٿا کين عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪيو وڃي ۽ سندن چچريل لاش ملن ٿا اسان انصاف , عدالت ۽ آئين جي بالادستي جي ڳالھ ڪيون ٿا ۽ ھتي عدالت کان مٿانھان قتل ٿين ٿا ، ھن چيو ته جنھن معاشري ۾ انساني حق لتاڙجن ٿا اتي ترقي ممڪن ئي ناھي ، ھن ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪندي چيو ته لطيف جي سورمين ڊاڪٽر شاھنواز جي عدالت کان مٿانھين قتل خلاف پرامن مزاحمت ڪري سنڌ جي ھڪ نئين تاريخ لکي آھي ايڇ آر سي پي ھن جدوجھد ۾ قدم ، قدم تي سنڌ سان گڏ بيھندي. اسين بنياد پرستي کي رد ڪيون ٿا ، ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ڪو آرڊينيٽر غفرانہ آرائين چيو ته جڏھن ۽ جتي انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي تہ اتي انساني حقن جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي ان ھنڌ پھچي ٿا وڃن، پروفيسر امداد چانڊيي چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي عدالت کان مٿانھين قتل خلاف عمرڪوٽ کان ڪراچي تائين سنڌ سراپا احتجاج ھيٺ رھي آھي. حڪومت کي انصاف ڏيڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي. گڏجاڻي ۾ تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ انتھا پسندي تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي وئي ته ان جو فوري نوٽيس ورتو وڃي. گڏجاڻي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي ان اميد جو اظھار ڪيو ويو ته سماج جا  سمورا ترقي پسند ،لبرل ۽ روشن خيال تنظيمون  ۽ فرد پنھنجو اثرائتو  ڪردار ادا ڪنداگڏجاڻي ۾ ڪائونسل ميمبرن سليم ،سعيد بلوچ ، ڊاڪٽر خوشحال داس ڳالھائيندي بنيادي انساني حقن جي لتاڙ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ان عمل کي حڪومت جي ناڪامي قرار ڏنو.

  • ڪراچي بعد حيدآباد ۾ به رواداري مارچ جي رستا روڪ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) تحريڪ لبيڪ پاڪستان, حيدرآباد ۾ 23 مارچ تي سول سوسائٽي جي اعلانيل رواداري مارچ کي روڪڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي ته عمرڪوٽ ۽ ڪراچي کانپوءِ ھاڻ حيدرآباد ۾ به اعلانيل رواداري مارچ ڪنھن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏينداسين. ٽي ايل پي جي اڳواڻن حڪومتي ادارن کي  به چتاء ڏنو آهي ته اسان ادارن سان رابطي ۾ آهيون جيڪڏهن ادارن اسان جي ڳالهه کي اهميت نه ڏني ته پوءِ ان ڏينھن تي ٽي ايل پي جا ڪارڪن تيارين سان نڪري ايندا. ان سلسلي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ضلعي حيدرآباد پاران فلسطيني عوام سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ لاءِ ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب سامھون ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ٽي ايل پي ضلعي حيدرآباد جي سرپرست اعلي علامه صوفي رضا محمد عباسي، صوبائي اڳواڻ سليمان سروري ايڊووڪيٽ، ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻ حافظ ذيشان رباني ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ٽي ايل پي جا ڪارڪن حيدرآباد ۾ رواداري مارچ ڪنھن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏيندا، ان ڏينھن ٽي ايل پي جا ڪارڪن تيارين سان ٻاھر نڪري ايندا ۽ رواداري مارچ کي روڪيندا. ھنن چيو ته اسان حڪومتي ادارن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسين پرامن آھيون، ڪجھه ماڻھو امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاھين ٿا, انھن کي انتظاميا روڪي، اسان حڪومتي ادارن سان رابطن ۾ به آهيون, ٻي صورت ۾ اسان رواداري مارچ ڪندڙن کي پاڻ ئي روڪينداسين.

  • ڪراچي رواداري مارچ تشدد جي پوليس ذميوار قرار، ڪارروائي کان آجي

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي رواداري  مارچ ۾ شريڪ ماڻهن ۽ صحافين تي تشدد ۽ نياڻين جي تذليل واقعي جي جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ وڏي وزير، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي موڪلي ڇڏي آهي، ذريعن موجب جاچ رپورٽ 30 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بيان تحت تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب طرف مقرر ڪيل سيڪيورٽي گهٽ هئي، پريس ڪلب تي مقرر ٻن ايس ڊي پي اوز ۽ 4 ايس ايڇ اوز غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، رپورٽ ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي لاپرواهي جي نشاندهي ڪئي وئي، ذريعن موجب جاچ ڪميٽي پاران پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي ڪا به سفارش نه ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.