خيرپور: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اعجاز علي چانڊيو، پاڪستان هيومن رائيٽس ڪمپلينٽ سيل صوبي سنڌ جي ڊائريڪٽر ۽ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي سينئر وڪيل احمد بخش ڦلپوٽو، پاڪستان تحريڪ انصاف لائيرز فورم ضلع خيرپور جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ شيخ ۽ ٻين پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.