اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 3 رپيا 3 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي.
نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ جولاءِ 2024 جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.
ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن کان واڌو اوڳاڙي ڊسمبر 2024 جي بلن ۾ ڪئي ويندي.
ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ جي مهيني جي ايڊجسٽمينٽ ۾ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.
Next Post
You might also like