اسلام آباد ۾ اسرائيل مخالف احتجاج دوران چڪريون، 55 ڄڻا گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ اسرائيل جي فلسطين ۾ ظلمن خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون، ڪيپيٽل پوليس جماعت اسلامي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سميت 55 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
آبپارا چوڪ تي غزا بچايو احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين آمريڪي سفارتخاني وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون، پوليس مظاهرين کي گرفتار ڪري ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي.
پوليس موجب گرفتار ڪيلن کي آبپارا ڪوهسار ۽ مارگلا منتقل ڪيو ويو. گرفتار ڪارڪنن مان 5 عورتن کي آزاد ڪيو ويو، گرفتار ڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو امڪان پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.