اسلام آباد: قيدين جي وين تي حملو، پي ٽي آءِ جا 3 ايم پي ايز فرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ سنگجاني ٽول پلازه وٽ 3 قيدين جي وينز تي اڻڄاتل جوابدار حملو ڪري ڏنو.
پوليس ذريعن موجب، ڊي چوڪ احتجاج جي 187 جوابدارن کي عدالت ۾ حاضري کانپوءِ اٽڪ جيل نيو پئي ويو.
ذريعن موجب، سنگجاني ٽول پلازه وٽ ٽن قيدين جي وينز تي اڻڄاتل جوابدارن حملو ڪري ڇڏيو ۽ حملي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽن ايم پيز ايز سميت ڪيئي قيدي فرار ٿي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قيدين جي وين ۾ ايم پي اي انور زيب، لياقت، ياسر قريشي به موجود هئا، جڏهن ته وين ۾ گرفتار سرڪاري ملازم ۽ اهلڪار پڻ شامل هئا.
پوليس ذريعن موجب، قيدين جي وينز جي سنگجاني ٽول پلازه پهچڻ تي تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ حملي ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري قيدين جي وينز جا ٽائر برسٽ ڪيا.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي فائرنگ سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب، پوليس فرار ٿيل جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ هڪ ايم پي ايم جو پٽ پڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.