قاضي فائز کان سواءِ 26هين ترميم ممڪن ئي نه هئي: بلاول

لنڊن(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت وارا اختيار بئنچ کي ملي ويا آهن، خبر نه هئي ته آئيني ترميم کانپوءِ منصور علي شاهه چيف جسٽس نه ٿي سگهندو، مولانا فضل الرحمان ۽ مخالف ڌر جي شموليت کانسواءِ به پنهنجي مرضي جي ترميم ٿي وڃي ها، پر مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته مون کي ۽ مولانا فضل الرحمان کي اتفاق ڪرڻو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  جي ڪري آئيني ترميم جو جهڙو وڏو ڪم ڪرڻ جو حڪومت کي موقعو مليو، ان کانسواءِ ايڏو وڏو ڪم ڪنهن ٻئي چيف جسٽس جي موجودگي ۾ ممڪن نه هو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني ترميم جي منظوري لاءِ سندن وٽ نمبر پورا هئا، آئيني ترميم تحت نئون چيف جسٽس مقرر ٿي چڪو آهي، خبر نه هئي ته آئيني ترميم کانپوءِ منصور علي شاهه چيف جسٽس نه ٿي سگهندو، 25 آڪٽوبر کان اڳ 26هين آئيني ترميم جي منظوري وڏو ڪم هو، 26هين آئيني ترميم ۾ جنهن ڳالهه تي سڀ کان وڌيڪ سياست ڪئي وئي ۽ جنهن جي بنياد تي سڄي عمل کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهو فوجي عدالتن جو معاملو هو، بلاول دعويٰ ڪئي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اها خواهش آهي ته 26هين آئيني ترميم تحت آئين جي آرٽيڪل 8 کي تبديل ڪري ان آرٽيڪل ۾ فوجي چيڪ پوسٽون، چوڪيون ۽ فوجي تنصيبات کي شامل ڪيو وڃي، انهن هنڌن کي نشانو بڻائڻ وارن خلاف پوءِ اهي عام شهري هجن، انهن خلاف ڪيس  فوجي عدالتن ۾ هلايا وڃن. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم بابت جنهن شيءُ کي سڀ کان وڌيڪ سياسي ۽ تڪراري انگ ڏنو ويو، اهو فوجي عدالت جي اصطلاح جو استعمال هو، جيڪي ماڻهو (26هين آئيني ترميم جي مسودي جي تياري) ۾ شامل هئا يا ميڊيا جا تجزيه نگار ۽ اها سموري لابي جيڪا ان عمل کي تڪراري بڻائڻ ۾ مصروف هئي، انهن فوجي عدالتن کي ڪارو نانگ سان جوڙيو ۽ ڪاري نانگ جي نالي تي ان عمل کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي تجويز ننڍڙي هئي جنهن کي تمام گهڻو تڪراري بڻايو ويو، تجويز اها هئي ته جتي هٿياربند فوج جي ميمبرن جي لفظ لکيل آهي، اتي هٿياربند فوج لکيو وڃي، حڪومت جي خواهش هئي ته ان کي ماضي سان ڳنڍيو وڃي ۽ ان ۾ هٿياربند فوج سان گڏ فوجي تنصيبات ۽ فوجي چوڪيون به شامل ڪيون وڃن پر اسان چيڪ پوسٽن تي به اعتراض ڪيو ته مولانا فضل الرحمان به اعتراض واريو.جيڪڏهن اتفاق راءِ ٿي وڃي ها ته آرٽيڪل 8 ۾ صرف هڪ لفظ ۾ ترميم ڪرڻي هئي ۽ ان هڪ لفظ کي ڪارو نانگ بڻايو ويو، ڪاري نانگ جي نالي سان ان سڄي عمل کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته مان چوندو آهيان ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، آئون ڪنهن هڪ سياسي قيدي ۾ يقين نه ٿو رکان مان انهن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن ملڪ مان سياسي انتقام جو رجحان ختم ڪرڻو آهي ته پهريون قدم ان ماڻهو کي کڻڻو پوندو جيڪو جيل ۾ آهي.هن چيو ته ”اسان وٽ هڪ چيف جسٽس هو، جيڪو پنهنجي ساٿي ججن جي دٻاءُ جو مقابلو ڪري پئي سگهيو، جيڪي شايد کيس ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪن ها ته اهو توهان جو نه پر ججن جي طاقت جو سوال آهي،  اسان وٽ ھڪڙو موقعو ھو، اسان وٽ هڪ اهڙو شخص ھو جيڪو اسان جي ڪوششن کي ڪمزور نه ڪري ها.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 63 اي جو فيصلو آئين تي ٻڌل نه هو ۽ ان جي پويان سياسي مقصد هئا، جيڪڏهن اهڙا فيصلا لاڳو ٿي وڃن ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڏکيائيون پيش اچن ها.بلاول کان پڇيو ويو ته ڇا ڳالهيون ختم ڪرڻ لاءِ فوجي اسٽيبلشمينٽ يا مسلم ليگ ن جي ڪنهن دٻاءَ يا فون ڪالز کي منهن ڏيڻو پيو؟ جي جواب ۾ بلاول چيو ته مان ان تي ڪجهه نٿو چئي سگهان، ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدو پورو ڪرڻ لاءِ ”زبردستي ووٽ“ وٺڻ نه ٿي چاهيو، هن چيو ته پ پ جي سڀ کان وڏي خواهش هئي ته آئيني عدالت قائم ٿئي پر اتحادي جماعتن جي خواهش تي آئيني عدالت بدران آئيني بينچ تي راضي ٿياسين، پر انهن بئنچن کي اهي اختيار آهن جيڪي اسان آئيني عدالت لاءِ متعارف ڪرايا هئا، مون اسيمبليءَ ۾ وليم شيڪسپيئر جو حوالو به ڏنو هو ته ”گلاب کي ڪنهن به نالي سان سڏيو،  اهو گلاب ٿيندو. جنهن طريقي سان ماڻهو آئيني بئنچ ۽ آئيني عدالت کي وڏو سمجھوتو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،  اها سندن غلط فهمي آهي، تنقيد ڪندڙ اهي ئي ماڻهو آهن جن 18هين ترميم تي به تنقيد ڪئي هئي.اهي ساڳيا منهن آهن، اهي بلڪل نه بدليا آهن جن اسان کي ٻڌايو ته رياست ماءُ جهڙي هوندي، اسان کي چيو ته افتخار چوڌري کي بحال ڪريو پوءِ توهان ڏسو،  هنن اسان کي 19هين ترميم تي مجبور ڪيو،  اهي ئي ماڻهو، جن جي ڳالهه ٻڌي اسان غلطي ڪئي، اڄ به اهي ئي اعتراض ڪري رهيا آهن، عدليه ۾ سڌارا اچي رهيا آهن ۽ اسان پنهنجي غلطين مان سکيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس منصور شاهه انتهائي قابل احترام شخصيت آهي، هو آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندو ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه بڻجندو ۽ نه ئي ان جو ڪو ڪردار هوندو جنهن سان سندس برادر جج يعني پاڪستان جي نئين چيف جسٽس سان ڪنهن به صورت ۾ ٽڪراءُ ٿئي، جيستائين ڪردار جو تعلق آهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي تي ڪو به الزام ۽ تنقيد نه ٿي ٿي سگهي.فوج جي چوڻ تي آئيني ترميم ڪرائڻ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته اهڙو الزام غلط آهي، مون چارٽر آف ڊيموڪريسي جي انهن نقطن تي اسٽيبلشمينٽ جي نه پر ماءُ جي چوڻ تي عمل ڪيو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.