هونئن ته سنڌ جا سمورا ادارا هٿ وٺي تباه يا ويا آهن ، نوابشاهه جي پي ايم سي اسپتال ڪيترن سالن کان بنيادي سهولتن کان محروم هجڻ ڪري غريب مسڪين ماڻهو پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.ياد رهي پي ايم سي اسپتال سنڌ جي ٽئين وڏي اسپتال آهي جيڪو ملڪ جي صدر آصف علي زرداري ان جي نياڻي آصفه زرداري جي تڪ صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه هن ضلعي شهيد بينظير جي نالي سان منسوب ضلعي بينظير آباد جي تڪ جا چونڊيل نمائنده آهن ان اسپتال جي حالت تباهه ڪن آهي.حڪمرانن پاران نوابشاهه جي اسپتال کي يورپ جي اسپتالن سان ڀيٽڻ صرف سکڻي بيان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
دنيا ۾ آبادي جي بنيادن تي اسپتالون ٺاهيون وينديون آهن پر هتي ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي .ٽراما سينٽر ۾ سمورن شعبن جا ڊاڪٽر موجود هجڻ گهرجن پر هتي اڪثر شعبن جا ڊاڪٽر غير حاضر هوندا آهن. ٽراما ۾ ايمرجنسي آپريشن ڪرڻ جي پڻ سهولت موجود ناهي.
ڪيجوئلٽي ۾ فرسٽ ايڊ جي سامان جي کوٽ ، ويل چيئر ، اسٽريڪچر ۽ عملي جي مڪمل کوٽ رهي ٿي.ڪتن جي زهر کان بچڻ لاءِ انجيڪشنون نوابشاهه شهر جي ماڻهن کان سواءِ ٻين مريضن کي اهو چئي موٽايو ويندو آهي ته اوهان هن تعلقي جا ناهيو ته ڇا علاج ڪنهن يونٽ ، شهر تعلقي يا ضلعي تي بنيادن تي ڪيو ويندو آهي.
الٽرا سائونڊ ۾ ڇهه ڊاڪٽر آهن ۽ چار ڊاڪٽرياڻيون مقرر آهن پر الٽرا سائونڊ هڪ آهي جنهن سان مريض ويچارا قطار ۾ بيهي تڪليف ۾ رهن ٿا هڪ الٽرا سائونڊ وڌيڪ نٿا رکي سگهن ۽ سالن کان فائبر اسڪين مشين خراب آهي ۽ شام جي شفٽ الٽرا اڻلڀ هوندو آهي. ايڪسري جون فلمون به نه هجڻ برابر آهن .ليبارٽري ۾ ڪٽن ۽ ڪيمسٽري مشين جي کوٽ آهي جنهن ڪري مريض ويچارا پرائيويٽ ٽيسٽون ڪرائڻ تي مجبور آهن. ڦڦڙن جي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ رهي ٿي جنهن ڪري ڪيترائي مريض لاعلاج ٿي ڪري زندگي جي جنگ هاري ويٺا آهن ان وارڊ جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ کي لکت ۾ ڏنو ۽ زباني پڻ چيو آهي پر هي ڪير به ٻڌڻ جائز شڪايت جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيارناهي.
سي ٽي اسڪين جي 1000 روپيا فيس ورتي وڃي ٿي ۽ جڏهن ڪنٽراسٽ انجيڪيشن لڳڻ جي صورت ۾ مريضن جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار خرچ ٿين ٿا.جڏهن ته ايم آر آءِ اڪثر خراب رهي ٿي.سرجيڪل وارڊن ۾ بيڊشيٽ ۽ صفائي جو مڪمل فقدان رهي ٿو آپريشن لاءِ مريضن کي کوڙ سارا ڏينهن لڳيو وڃن. جڏهن ته هتي ڊاڪٽرن جي ليباريٽري تي ڪميشن مقرر هجڻ سبب ٻاهر جون ٽيسٽون قابل قبول ڪيون وڃن ٿيون .ايڊمنسٽريشن ۾ ڪيترائي ملازم بغير ميرٽ جي سڻڀين پوسٽن تي ويٺل آهن جيڪي گڏجي بجيٽ کي پنهنجي ڪاروهنوار ۽ پنهنجي ذات لاءِ استعمال ڪن ٿا.
و پي ڊيز فزيشن ، سرجيڪل ۾ ڊاڪٽرن کان وٺي عملي ، دوائن ۽ انسٽريومينٽ جي کوٽ رهي ٿي. دل جي وارڊ م شام ۽ رات جي شفٽ ۾ عملي جنهن ۾ ٽيڪنيشن ۽ ٻئي عملي جي کوٽ رهي ٿي جتي ايڪو جي فيس 500 روپيا ورتي وڃي ٿي.اسپتال ۾ يورولاجي جي وارڊ ۾ ڊائيلاسس جي سامان جي مڪمل کوٽ هجي ٿي ۽ شام جو عملو گهٽ ۽ غائب رهي ٿو .
ان سان گڏ سوين ملازم ويزا تي ويل آهن جيڪي ڊيوٽي نه پيا ڪن انڪري ڊيوٽي ڪندڙ کي وڌيڪ تڪليف ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو حڪومت جي غيرذميواري سبب خالي پيل پوسٽن کي هي ڀرڻ لاءِ تيار ناهن هوندا.هتان جون اعليٰ اختياريون اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ تي نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن هونديون جنهن ڪري غريب مسڪين ۽ بي پھچ ماڻهو ويچارا قسمت تي ڇڏيو پنهنجي قيمتي زندگي جي جنگ هارائي ويهي ٿا رهن حڪمران سنڌ تي ويهن سالن کان مسلط آهن انهن وٽ سنڌ جا ادارا اهميت ۽ افاديت نٿا رکن.
ان صورتحال ۾ پاڻ سماج ۽ معاشري جي سلجهيل ۽ ذميوار فردن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته پنهنجن ادارن جي مالڪي لاءِ اڳتي اچن ۽ ٿيندڙ بدعنواني ، ڪرپشن ۽ انتظاميا جي غيرذميواري کي وائکو ڪري عدالت ڏانهن رجوع ڪن ته جيئن بي يارو مددگار بڻيل نواب شاهه جي غريب عوام کي بهتر علاج جي بنيادي سهولت ميسر ٿي سگهي
علي رضا خاصخيلي/نوابشاهه