لاهور قلندرز جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري

لاهور قلندرز جي ٽيم گيانا ۾ شيڊيول گلوبل سپر ليگ ۾ شرڪت ڪند، ليگ ۾ پنج ٽيمون حصو وٺنديون، جي ايس ايل ٽي ٽوئنٽي جي شيڊيول به جاري ڪيو ويو آهي.
لاهور قلندرز جي اتنظاميا موجب، هو گيانا ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ جو حصو بڻجڻ لاءِ پرجوش آهن، لاهور قلندرز اڪيلي ٽيم آهي جيڪا جي ايس ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.
جي ايس ايل ٽي ٽوئنٽي جا مقابلا 26 هين نومبر کان 7 ڊسمبر تائين جاري رهندا، ميچز جي شيڊيول جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.
جي ايس ايل ٽي ٽوئنٽي لاءِ انعامي رقم 10 لک آمريڪي ڊالر مختص ڪئي وئي آهي.
جي ايس ايل چيئرمين ڪلائيو لائيڊ جو چوڻ آهي ته هو سمورين ٽيمن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ منتظر آهن، پڪ آهي ته جي ايس ايل ٽي ٽوئنٽي ايڪشن سان ڀرپور هوندي، ٽورنامينٽ ۾ شامل پنجن ئي ٽيمن جا مداح سڄي دنيا ۾ موجود آهن.
لاهور قلندرز جي مالڪ ثمين رانا چيو ته هو جي ايس ايل گيانا ۾ شرڪت جو اعلان ڪندي پرجوش آهن، جي ايس ايل دنيا جي پنج بهترين فرنچائز ٽيمن کي گڏ ڪيو آهي، جتي شاندار مقابلا ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.