بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ضمانت کانپوءِ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.
توشا خانا ڪيس ٽو ۾ ضمانت کانپوءِ بشريٰ بي بي جا ضمانتي مچلڪا اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جاري ڪيا هئا.
بشريٰ بي بي جا ضمانتي مچلڪا ملڪ طارق محمود نون جمع ڪرايا، جنهن کانپوءِ سندس آزادي جو حڪم نامو اڊيالا جيل ۾ جمع ڪرايو ويو، پوءِ بشريٰ بي بي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل جي گيٽ نمبر 5 کان گهر لاءِ رواني ٿي.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن توشا خانا ڪيس ٽو ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.