ايم ڪيو ايم اڳواڻ رعنا انصار جو پٽ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت

ڪراچي (رپورٽر)ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رعنا انصار جو پٽ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، شاهزيب نقوي سندس ننڍو پٽ هو. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن انڊر پاس وٽ تيز رفتار ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ شاهزيب جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ الياس طور ٿي آهي. فوت ٿيل نوجوان شاهزيب نقوي ايم ڪيو ايم جي ميمبر رعنا انصار جو پٽ هو، شاهزيب نقوي جي عمر 23 سال هئي ۽ هو سندس ننڍو پٽ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.